نور محمد انڍڙ

نور محمد انڍڙ: مولانا نور محمد ولد نواز انڍڙ 1886ع ۾ هاليجي شريف ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سنڌ مان حاصل ڪري اعليٰ ديني تعليم لاءِ ديوبند دهليءَ ويو، جتان فارغ التحصيل ٿي، مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۾ مدرس مقرر ٿيو. مولانا محمد علي جوهر کان متاثر ٿي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. انگريزن خلاف سخت تقريرون ڪيائين، هجرت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هجرت تحريڪ دوران گهر جو سمورو سامان ۽ ٻني وڪڻي افغانستان ڏانهن هجرت ڪيائين، پر پشاور پهچڻ بعد خبر پيس ته پٺاڻن دغا ڪري انگريزن سان ٺاهه ڪيو آهي، تڏهن ٻين سان گڏ واپس آيو. قطع تعلقات تحريڪ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيائين. سخت تقريرن ڪرڻ ڪري سکر جي ڪليڪٽر گبن کيس گهرائي چيو ته: ”اسان ٻڌو آهي ته اوهان ماڻهن ۾ بغاوت پکيڙيو ٿا“، مولوي نور محمد نهايت بي باڪيءَ سان کيس جواب ڏنو ته: ”اسان پنهنجو حق گهرون ٿا، بغاوت نه ٿا پکيڙيون، هي ملڪ اسان جو آهي، نه ڪي توهان جو.“


لفظ نور محمد انڍڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو